قومي اسيمبليءَ ۾ تحريڪ انصاف کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ گڏيل اپوزيشن جي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيندي

114
0
SHARE
APP40-28 ISLAMABAD: May 28 – Prime Minister Muhammad Nawaz Sharif at the All Parties Conference on China Pak Economic Corridor at PM House. APP

اسلام آباد: قومي اسيمبليءَ ۾ تحريڪ انصاف کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ گڏيل اپوزيشن جي آل پارٽيز ڪانفرنس اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندي، سياسي صورتحال، اپوزيشن طرفان وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ گڏيل اميدوار آڻڻ سوڌو مختلف معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويندا، گڏيل اپوزيشن جي اها ويهڪ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق جي رهائشگاهه تي ٿيندي، آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ مسلم ليگ نون، پيپلز پارٽي، متحده مجلس عمل ۽ ٻين اتحادين جماعتن جا ميمبر شرڪت ڪندا، ڪانفرنس ۾ سياسي صورتحال، چونڊ نتيجن، ايندڙ حڪمت عملي، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ۽ اپوزيشن ليڊر جي نامزدگي واري فيصلي سان گڏ و گڏ مبينا ڌانڌلي تي اَڇو چِٺو به جاري ڪيو ويندو، اجلاس ۾ آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، شهباز شريف، اسفند يار ولي، محمود خان اچڪزئي، حاصل بزنجو، فضل الرحمان، سراج الحق، ساجد مير، لياقت بلوچ، اويس نوراني، مصطفيٰ ڪمال، راجا ظفر الحق، خواجا سعد رفيق، خواجا آصف، احسن اقبال، سيد خورشيد شاهه، قمر زمان ڪائره، شيري رحمان، يوسف رضا گيلاني ۽ پرويز اشرف به شرڪت ڪندا، ان کان اڳ ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اپوزيشن جماعتن قومي اسيمبلي ۾ ڀرپور احتجاج جو فيصلو ڪيو هو جڏهن ته مخالف ڌر جماعتن جو چوڻ هو ته عمران خان کي ايترو آرام سان وزيراعظم نه بڻجڻ ڏنو ويندو، ياد رهي ته 30 جولاءِ تي مسلم ليگ نون، پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ متحده مجلس عمل وچ ۾ قومي اسيمبلي ۾ گرينڊ اپوزيشن الائنس جوڙڻ تي اتفاق ٿيو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here