مٽياري جي رهواسڻ جو پوليس عملدار جي زيادتين خلاف احتجاج

93
0
SHARE

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ مٽياري واسڻ پوليس عملدار جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو، مسمات شاهين ڪلهوڙو پريس ڪلب پهچي ميڊيا آڏو حيدرآباد پوليس لائين جي اي ايس آءِ بشير ڪلهوڙي خلاف دانهيو، ان موقعي تي مسمات شاهين الزام مڙهيندي چيو ته اي ايس آءِ بشير ڪلهوڙو سندن پلاٽ تي قبضو ڪرڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪري رهيو آهي، جڏهن ته آواز اٿارڻ تان مڙس پرويز ڪلهوڙي کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي 11 مهينن کان قيد ڪرائي ڇڏيو آهي، هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر پوليس عملدار خلاف ڪارروائي ڪري مڙس کي آزاد ڪرائي تحفظ ڏنو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here