ڏوڪري ۾ ڳوٺاڻن جو روڊ جي سهولت نه ملڻ خلاف احتجاج

61
0
SHARE

ڏوڪري: ڏوڪري ۾ ڳوٺاڻن روڊ جي سهولت نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو، ڳوٺ علي شير ڪلهوڙو جي رهواسين علي اڪبر، عادب علي، محمود، علي گوهر ، ساجد ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي، اڳواڻن چيو ته سالن کان وٺي هو روڊ جي سهولت کان محروم آهن، رات جو ڪو بيمار ٿئي ٿو ته ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، هنن چيو ته روڊ نه هئڻ جي ڪري هو پريشان آهن، اليڪشن ۾ نمائندا ووٽ وٺي وڃن ٿا پر ڪم نٿا ڪن، ڳوٺاڻن حڪومت کان گهر ڪئي ته ڳوٺ ڏانهن ويندڙ روڊ جو ڪم ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي .

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here