محبت پور پوليس نوجوان کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ گوليون هڻي هاف فرائي ڪري ڇڏيو

152
0
SHARE

محبت پور: محبت پور پوليس نوجوان کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ گوليون هڻي هاف فرائي ڪري معذور ڪري ڇڏيو آهي، ڳوٺ مانجهو خان ڊکڻ جي رهواسي محمد حيات ڊکڻ کي محبتپور پوليس گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ڄنگهه ۾ گولي هڻي هاف فرائي ڪيو، ارباب ڊکڻ ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته هو مزدوري ڪري گهر جو گاڏي هلائيندو آهي، هن چيو ته سندس خلاف ڪنهن به ٿاڻي تي اين سي يا ڪيس داخل ناهي، ارباب ڊکڻ ايس ايس پي نوشهرو فيروز کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جڙتو مقابلي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here