دهشتگردي ٽوڙ عدالت، رائو انوار تان ڪراچي کان ٻاهر وڃڻ واري پابندي ختم ڪري ڇڏي

250
0
SHARE

ڪراچي: ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، رائو انوار تان ڪراچي کان ٻاهر وڃڻ واري پابندي ختم ڪري ڇڏي، ڪراچي جي دهشتگردي  ٽوڙ عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، رائو انوار جي گهروارن سان ملڻ لاءِ ڪراچي کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت لاءِ درخواست جمع ڪرائي، درخواست ۾ رائو انوار موقف اختيار ڪيو ته سندس گهر وارا عيد الضحيٰ ملهائڻ ڏيهه اچي رهيا آهن، هو سڪيورٽي رسڪ سبب گهر وارن سان ڪراچي شهر ۾ عيد نٿو ملهائي سگهي، کيس عيد لاءِ ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، ان موقعي تي وڪيل صلاح الدين پنهور رائو انوار جي درخواست تي اعتراض واريو ته عدالت تي بي اعتمادي ۽ ڪيس ٻي هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ ٻڌڻيون هلندڙ آهن ان لاءِ عدالت درخواست تي فيصلو جاري نٿي ڪري سگهي، عدالت ڌرين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ رائو انوار جي درخواست منظور ڪئي ۽ عدالتي حڪم ۾ چيو ويو ته جوابدار گهر وارن سان ملڻ جي لاءِ شهر کان ٻاهر وڃي سگهي ٿو، هو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش نه ڪري، واضح رهي ته عدالت اڳوڻي ايس ايس پي مٿان شهر کان ٻاهر وڃڻ تي پابندي لڳائي هئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here