وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي ملڪ جو نئون صدر نامزد ڪري ڇڏيو

522
0
SHARE

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي ملڪ جو نئون صدر نامزد ڪري ڇڏيو آهي، تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري موجب وزيراعظم عمران خان ڊاڪٽر عارف علوي کي ملڪ جو نئون صدر نامزد ڪري ڇڏيو آهي، موجوده صدر جو مدو 8 سيپٽمبر تي پورو ٿي  رهيو آهي ۽ صدر جي چونڊ ۾ وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي نامزد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، واضح رهي ته عارف علوي عام چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ تي ڪراچي جي تڪ اين اي 247 تان ڪامياب ٿيو، هن ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ايم ايم اي جي محمد حسين محنتي کي شڪست ڏئي ڇڏي جڏهن ته ان کان اڳ به هو 2013 جي چونڊن ۾ اين اي 250 تان ايم  اين اي چونڊيو هو جيڪو هاڻي اين اي 247 آهي، ڊاڪٽر عارف علوي جو تعلق ڪراچي سان آهي ۽ هــُو ڏندن جو ڊاڪٽر آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here