گڏيل قومن جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان لاڏاڻو ڪري ويو

234
0
SHARE
Kofi Annan, Joint Special Envoy of the United Nations and the League of Arab States on the Syrian Crisis addresses the journalists during the Action Group for Syria press conference, Palais des Nations. Saturday 30 June 2012. Photo by Violaine Martin

آمريڪا: گڏيل قومن جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل ۽ نوبل انعام يافته ڪوفي عنان 80 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ڪوفي عنان جينيو انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل رليشنز ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي جنهن 1962 ۾ گڏيل قومن ۾ شموليت حاصل ڪئي، ڪوفي عنان اهو پهريون آفريقي ڪاري نسل جو شخص هو جنهن دنيا جي وڏن سياستدانن ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي ۽ جنوري 1997 کان ڊسمبر 2006 تائين گڏيل قومن جو ستون سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي فائز رهيو، هن گڏيل قومن جي خاص نائب طور تي شام ۾ امن ۽ تڪرار جي حل لاءِ به خدمتون سرانجام ڏنيون، ڪوفي عنان نيلسن منڊيلا جي جوڙيل ” دي ايلڊرز “ جو چيئرمين جڏهن ته ”ڪوفي عنان فائونڊيشن“ جو سربراهه به هو، ڪوفي عنان کي گڏيل قومن طرفان دنيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ ۽ معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ تي 2001 ۾ نوبل انعام سان نوازيو ويو .

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here