وزيراعظم سرڪاري خرچ گهٽائڻ لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

127
0
SHARE

اسلام آباد: وزيراعظم سرڪاري خرچ گهٽائڻ لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ، 2 سرڪاري ملازم ۽ 2 گاڏيون رکڻ، سموريون گاڏيون نيلام ڪرڻ ۽ پي ايم هائوس کي يونيورسٽي بڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، عمران خان چيو آهي ته ملڪ بچندو يا ڪرپٽ ماڻهو بچندا، ملڪ جو چوري ٿيل ناڻو واپس آندو ويندو، ڪرپشن جي نشاندهي ڪندڙ کي 20 کان 25 سيڪڙو رقم انعام طور ملندي، سنڌ سرڪار سان گڏجي سنڌ پوليس ۾ بهتري آڻيندا، ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ صوبائي حڪومت جي مدد ڪندا، ٻارڙن سان زيادتي ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن کڻندا، وزيراعظم عمران خان حلف کڻڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين خطاب ۾ ڪارڪنن جا ٿورا مڃيندي معاشي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر هلائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، عمران خان پنهنجي خطاب ۾ سڀ کان اڳ ڪارڪنن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو سڀني جو ٿورائتو آهي،  22 سال اڳ جن ساٿين هن سان گڏ سفر شروع ڪيو هو، انهن کي ياد ڪري رهيو آهي، خاص طور احسن رشيد ۽ سلوني بخاري کي، جيڪي حياتيءَ جي جنگ هارائي چڪا آهن، عمران خان ملڪ کي موجود چئلينجن تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ايتريون ڏکيون حالتون نه هيون جيڪي هن وقت آهن، ملڪ هن وقت 28 هزار ارب رپين جو قرض ٿي ويو آهي، 10 سال اڳ پاڪستان جو قرض 6 هزار ارب رپيا هو، جيڪو 2013ع ۾ وڌي 15 هزار ارب ۽ هاڻ اهو 28 هزار ارب رپيا ٿي چڪو آهي، هڪ پاسي قوم قرضي آهي ته ٻئي پاسي حڪمران ملڪ ۾ ائين رهندا آهن، جڏهن انگريز هتي رهندا هئا ۽ اسان غلام هئاسين، سندس چوڻ هو ته  اڄ بدقسمتي سان پاڪستان انهن 5 ملڪن ۾ شامل آهي، جتي ٻار خراب پاڻي پيئڻ سبب مرندا آهن، پاڪستان جي 45 سيڪڙو ٻارن کي صحيح خوراڪ نه پئي ملي، جنهن سبب ٻارن جي ذهني واڌ ويجهه ناهي ٿيندي، سوا ٻه ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهي، آبادي وڌي رهي آهي ۽ جيڪڏهن تعليم نه ڏني وئي ته انهن ٻارن جو ڇا ٿيندو؟، وزيراعظم مديني جي رياست جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڻ سڳورن سڀ کان پهريان قانون جي بالادستي قائم ڪئي، پاڻ سڳورن چيو ته قانون سامهون سڀ انسان برابر آهن، انهن زڪوات جو نظام قائم ڪيو، ان کي پروگريسيوٽيڪسيشن چوندا آهن، اڄ اولهه ان تي عمل ڪري رهيو آهي، سوئيڊن، ناروي سميت ٻين ملڪن ۾ اهڙو ئي نظام قائم آهي، مديني جي رياست ۾ صادق ۽ امين هجڻ ضروري هو ۽ اڄ اها ڳالهه اولهه ۾ آهي، وزيراعظم چيو ته هو وزيراعظم هائوس ۾ ٻه ملازم ۽ ٻه گاڏيون رکندو، گاڏيون ان لاءِ ته سيڪيورٽي مسئلو آهي،  جڏهن ته گورنر هائوسز ۾ سندن ڪو گورنر نه ويهندو، ان لاءِ دانشورن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي ٺاهي ويندي، جيڪا ٻڌائيندي ته ڇا ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ڊاڪٽر عشرت حسين جي سربراهي ۾ هڪ ٽاسڪ فورس ٺهندي، جيڪا طئي ڪندي ته خرچ ڪيئن گهٽايا وڃن، هو پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ چاهي ٿو، سندس سياست جو مقصد ملڪ جي بهتري آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here