ڪراچي ۾ ڪانگو وائرس جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو

90
0
SHARE

ڪراچي: ڪراچي ۾ ڪانگو وائرس جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو، ڪانگو وائرس ۾ مبتلا نيو ڪراچي جو رهواسي نوجوان جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيمي جمالي موجب نيو ڪراچي جي رهواسي 23 ورهين جي سلمان کي ڇنڇر واري ڏينهن اسپتال آندو ويو هو جنهن جي ٽيسٽ کانپوءِ سندس جسم ۾ ڪانگو وائرس جي موجودگيءَ جي تصديق ٿي، سيمي جمالي موجب ان کان اڳ جناح اسپتال ۾ هلندڙ سال ڪانگو کان متاثر 8 مريض آندا ويا هئا جن مان 2 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا، ڊاڪٽر سيمي جمالي جو چوڻ هو ته قرباني جا جانور خريدڻ وقت ۽ قرباني ڪندي خاص احتياطي اُپاءَ ورتا وڃن، ماهرن موجب هڏين ۽ پيٽ ۾ سور، تيز بخار ۽ جسم جي ڪنهن به حصي مان رت اچڻ ڪانگو جون نشانيون آهن، هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ سنڌ جي صحت کاتي طرفان ڪانگو وائرس کان بچاءَ لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ عوام کي مال پڙين ڏانهن وڃڻ کان اڳ احتياطي اپاءَ وٺڻ جو چيو ويو هو، صحت کاتي پاران چيو ويو هو ته مال پڙين ڏانهن ويندي هلڪي رنگ ۽ کــُليل ڪپڙا پهريو ۽ جسم کي مڪمل طور تي ڍَڪيل رکو، اهو به ٻڌايو ويو ته ڪانگو وائرس جي ڇڇڙ جانور جي کــَل تي موجود هوندي آهي تنهن ڪري جانور کي هٿ لڳائڻ کان اڳ هينڊ گِلوز ضرور استعمال ڪيو، واضح رهي ته ڪانگو جو مرض هڪ انسان مان ٻئي ۾ منتقل ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here