وزيراعظم پنجاب ڪابينا تي صلاح مشورن لاءِ اڄ پنجاب جي وڏي وزير کي اسلام آباد گهــُرائي ورتو

216
0
SHARE

اسلام آباد:  وزيراعظم عمران خان پنجاب ڪابينا تي صلاح مشورن لاءِ اڄ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار کي اسلام آباد گهــُرائي ورتو، ملاقات کانپوءِ صوبائي وزيرن جي نالن جي اعلان جو امڪان آهي، ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار اڄ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪندو جنهن کانپوءِ صوبائي وزيرن جي نالن جي اعلان جو امڪان آهي، خيال رهي ته 2 ڏينهن اڳ به عثمان بزدار عمران خان سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ ٻنهي وچ ۾ ڪابينا مختصر رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب ڪابينا کي ٻن ڏينهن ۾ حتمي شڪل ڏني ويندي پر پهرين مرحلي ۾ 15 وزيرن کي قلمدان سونپيا ويندا جن ۾ تحريڪ انصاف جي سينيئر ميمبرن کي به وزارتون ڏنيون وينديون، ذريعن موجب ميان محمود الرشيد کي هائوسنگ ۽ سي اينڊ ڊبليو واري وزارت، عليم خان کي مڪاني ادارن، ياسمين راشد کي صحت، سبطين خان کي زراعت، سميع الله کي چيف وَهپ بڻائڻ جو امڪان آهي، ذريعن ٻڌايو آهي ته هاشم بخت کي تعليم واري وزارت، حسنين دريشڪ کي ناڻي واري وزارت، اسلم اقبال کي اطلاعات، راجا بشارت کي پارلياماني معاملن ۽ جهانزيب ڪڇي کي لائيو اسٽاڪ جي وزارت سونپڻ جو امڪان آهي، ان کانسواءِ راجا ياسر کي هاءِ ايجوڪيشن جو وزير بڻائڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سينيئر وزير جو فيصلو وزيراعظم عمران خان ڪندو، ذريعن موجب ڪابينا لاءِ فياض الحسن، راشد حفيظ، سعديا سهيل، مراد راس ، اجمل چيما، محسن لغاري ۽ ملڪ اختر جا نالا به غور هيٺ آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here