ميهڙ ۾ عوامي تحريڪ طرفان سنڌو درياهه تي ڊيم اڏڻ ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

176
0
SHARE

ميهڙ: ميهڙ ۾ عوامي تحريڪ طرفان سنڌو درياهه تي ڊيم اڏڻ، زرعي پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، عوامي تحريڪ مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ امتياز جتوئي، ايڊووڪيٽ جي اين کوسو، ايڊووڪيٽ نجيب مهيسر، ايڊووڪيٽ مير کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقا اسپتال جي گيٽ کان احتجاجي مظاهرو نٽھڻ اس تي گهنٽا گهر چوڪ ۽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻا هنيا ويا، ڌرڻي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ جون لکين ايڪڙ آباد زرعي زمينون بنجر بڻائڻلاءِ  سنڌو دياهه تي ڪالا باغ ڊئم، ڀاشا ڊئم سميت ٻيا ڊئم اڏيا پيا وڃن جيڪي ڪنهن به صورت ۾ برداش نه ڪيا ويندا، هنن چيو ته حڪمران هٿ وٺي سنڌي ماڻھن کي مهانگائي, بک ۽ بدحالي طرف ڌڪيو پيو وڃي، ڪالا باغ ڊئم، ڀاشا ڊئم سميت سمورا سنڌ دشمن منصوبا ختم ڪري سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here