ڪراچي ۾ سرڪاري گاڏيون ڦرجڻ وارين واراداتن ۾ گھٽتائي نه آئي، هڪ وڌيڪ سرڪاري گاڏي ڦر

142
0
SHARE

ڪراچي: ڪراچي ۾ سرڪاري گاڏيون ڦرجڻ وارين واراداتن ۾ گھٽتائي نه آئي، هڪ وڌيڪ سرڪاري گاڏي ڦرجي وئي، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پوليس موجب ڦر ٿيل گاڏي سنڌ اسيمبلي جي نالي تي الاٽ ٿيل آهي، جنهن جو نمبر جـِي ايس 748  آهي، گاڏي جو ڊرائيور دوستن سان ملڻ لاءِ سچل ڳوٺ ۾ آيو هو ته واقعو پيش آيو، گاڏي جي ڊرائيور فرحان علي جي فرياد تي سچل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ڊرائيور فرحان علي بيان ڏيندي چيو ته هـُو دوستن سان ملڻ سچل ڳوٺ آيل هو ته موٽر سائيڪل سوار ڦورو گاڏي ڦري فرار ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته گاڏي جي ڳولها شروع ڪئي وئي آهي ۽ واقعي جي وڌيڪ جاچ به جاري آهي، هوڏانهن پوليس ٻن سالن دوران ڦر ۽ چوري ٿيل سرڪاري گاڏين جو به انگ اکر جاري ڪري ڇڏيو، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻن سالن دوران 64 سرڪاري گاڏيون ڦر ۽ چوري ڪيون ويون، ذريعن موجب 2017 ۽ 2018 دوران 25 سرڪاري گاڏيون چوري ۽ 39 ڦر ڪيون ويون، هڪ اندازي موجب انهن گاڏين جي ماليت 10 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي، ذريعن موجب جن سرڪاري آفيسرن جون گاڏيون چوري يا ڦر ٿيون انهن کي ٻيهر نيون گاڏيون فراهم ڪيون ويون، ياد رهي ته ڇنڇر واري ڏينهن ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جي ڊرائيور کان به ڊفينس واري علائقي ۾ گاڏي ڦر ڪئي وئي هئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here