گورنر عمران اسماعيل، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ڪابينا جي ميمبرن جي قائداعظم جي مزار تي حاضري

78
0
SHARE

ڪراچي: پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 70 هين ورسي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ڪابينا جي ميمبرن سندس مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحا خواني ڪئي، قائداعظم محمد علي جناح جي ورسي جي موقعي تي کيس ڀرپور انداز ۾ ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ تقريبون، سيمينار منعقد ڪيا پيا وڃن، قائداعظم جي مزار تي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ڪابينا ميمبرن حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحا خواني به ڪئي، ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر عمران اسماعيل چيو ته عظيم قائد جي ڪري قوم سک جو ساهه کڻي رهي آهي، اسان کي وچن ڪرڻو پوندو ته قائد جي واٽ تي هلي قوم جي خدمت ڪئي وڃي، عمران اسماعيل چيو ته وزيراعظم عمران خان جو منشور قائد جو منشور آهي، عمران خان به انهيءَ منشور هيٺ ملڪ جي ترقي جو بار کنيو آهي، مسئلن جي حل لاءِ ايمانداري سان ڪم ڪرڻو  پوندو، ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته چونڊن ۾ بي ضابطگين جا ثبوت موجود آهن، آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين جو قائدو قانون هوندو آهي، 18هين ترميم کي رول بيڪ نه ٿيڻ ڏنو ويندو، مراد علي شاهه چيو ته ڪوشش آهي ته سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جون سهولتون ڏيون، دهشتگرديءَ جيان اسٽريٽ ڪرائيم تي به ضابطو آندو ويندو، وڏي وزير چيو ته بلديا سانحو ظلم آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ملڻ گهرجي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here