وفاقي ڪابينا مني بجيٽ جي تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي

35
0
SHARE

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا مني بجيٽ جي تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ  وفاقي ڪابينا جو خاص اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر ۽ ناڻي واري سيڪريٽري سميت ٻين اختيارين بجيٽ تجويز تي بريفنگ ڏني، ذريعن موجب ڪابينا کي ايف بي آر ٽيڪس سيليبس ۽ گذريل حڪومتي دور ۾ ڏنل انڪم ٽيڪس ڇوٽ تي به بريفنگ ڏني وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا جي اجلاس ۾ سپر ٽيڪس سميت 158 ارب رپين جي نئين ٽيڪس جي تجويز پيش ڪئي وئي ۽ 450 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي جي تجويز به پيش ڪئي وئي، ڪابينا جي اجلاس ۾ بجيٽ خسارو 6 ڏهائي 6 سيڪڙو گهٽائي 5 سيڪڙو تائين آڻڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو ۽ مالياتي خسارو جـِي ڊي پي جو 5 ڏهائي 1 سيڪڙو رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ ترقياتي بجيٽ ۾ 725 ارب رپيا گهٽتائي ۽ نان فائلر جي بينڪنگ سان لين دين تي ٽيڪس جي شرح وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن ٻڌايو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حڪومت 608 ارب رپين تائين خرچ گهٽتائي ٿيندي حڪومتي ادارن، وڏين عمارتن ۽ وزيرن جي خرچن کي گهٽايو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here