وزيراعظم پناهگيرن کي شهريت ڏيڻ بابت قومي اسيمبلي کان تجويزون گهـُري ورتيون

120
0
SHARE

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان پناهگيرن کي شهريت ڏيڻ بابت قومي اسيمبلي کان تجويزون گهـُري ورتيون، قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته پناهگيرن کي شهريت ڏيڻ بابت فيصلو ناهي ٿيو ان تي بحث لاءِ ڳالهه ڇڏي آهي، اوهان سڀئي ان تي تجويزون ڏيو، اسان سڀني کان تجويزون گهــُرندا ۽ فيصلو ڪرڻ کان اڳ سڀ  سان مشورو ڪيو ويندو، هن چيو ته هــُو سوال پڇندو رهندو ته اسان وٽ هي انسان رهيا آهن انهن جو ڇا ٿيندو  ؟ ان تي فيصلو ڪرڻو پوندو، 1951 جي قانون تحت جيڪي ٻار هتي پيدا ٿيا آهن شهريت انهن جو حق آهي ڇو ته يورپ سميت ٻين ملڪن ۾ به اهي قانون آهن جيڪي ٻار پيدا ٿين ٿا شهريت انهن جو حق آهي، وزيراعظم جو چوڻ هو ته جيڪي پناهگير عارضي طور تي اچن ٿا انهن لاءِ ڌار قانون آهي پر بنگلاديش کان آيل ماڻهو هتي 45 کان 50 سالن کان رهن پيا انهن جو استحصال ٿي رهيو آهي، نه انهن کي شهريت ملي ٿي ۽ نه ئي هو واپس وڃن ٿا، انهن جا نسل وڌي چڪا آهن، وزيراعظم چيو ته هو انسانيت جي بنياد تي چوي ٿو ته هو انسان آهن جيڪڏهن اڄ انهن جو فيصلو نه ٿيو ته ڪڏهن ڪنداسين ؟، عمران خان چيو ته عالمي قانون تحت پناهگيرن کي زبردستي نه اماڻي سگهو، ان جي ڪري ڪا پاليسي جوڙڻي پوندي ، اهو انساني حقن جو مسئلو آهي قوم کي ڪڏهن نه ڪڏهن ان جو فيصلو ڪرڻو پوندو، وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪراچي اندر اسٽريٽ ڪرائيم وڌڻ جو ڪارڻ اهو ئي آهي ته جيڪي هتي پيدا ٿيا انهن کي نوڪريون نه ملي رهيون آهن اسانجي هر معاشري ۾ اهي مسئلا اچڻ وارا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here