جيڪب آباد ۾ يوم عاشور تي سيڪيورٽي سخت،سنڌ- بلوچستان سرحد سيل

120
0
SHARE

جيڪب آباد:جيڪب آباد ۾ 10 محرم الحرام جي حوالي سان حفاظتي انتظامن کي انتهائي سخت ڪيو ويو آهي سرحدي پٽي سميت سموري شهر جي مک روڊ رستن ۽ گهٽين کي ڪنڊيدار تارن سان سيل ڪيو ويوآهي، ڪاورباري مرڪرن کي بند ڪرايو ويو. شهر جي امام بارگاهن، درگاهن سميت حساس جاين تي پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار الرٽ ڪيا ويا ۽ ڳجهين ڪيمرائن ذريعي ماتمي جلوسن جي نگراني ڪئي پئي وڃي. سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي پٽي جي سمورن روٽن تي پوليس ۽ رينجرز مقرر ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي جيڪب آباد ٻڌايو ته 10هين محرم جي ڏهاڙي 38 ماتمي جلوس بر آمد ٿيندا ۽ جيڪب آباد شهر مان نڪرندڙ سمورا ماتمي جلوس حساس آهن ماتمي جلوسن سان گڏ پوليس ، رينجرز جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ضلعي اندر 4 هزار پوليس اهلڪار ۽ 2 سو رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پاڪ فوج به اسٽينڊ باءِ آهي. …..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here