شاهه محمود قريشي آمريڪا روانو، مسئلن جو حل ڳالهين ۾ ئي آهي: پرڏيهي وزير

84
0
SHARE

اسلام آباد:پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو، شاهه محمود قريشي دوري دوران مختلف ملڪن جي اڳواڻن ۽ اهم ادارن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلام آباد ايئرپورٽ تان نيويارڪ لاءِ روانو ٿيو. شاهه محمود قريشي سان پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا به گڏ آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي صبح جو سوير آمريڪا روانو ٿيڻ لاءِ بنا پروٽوڪول جي اسلام آباد هوائي اڏي تي پهتو جتي عام ماڻهن ساڻس سيلفيون به ڪڍرايون. ٻئي طرف پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت کانسوءِ مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ اهم ادارن جي سربراهن سان به ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، اهم اڳواڻن ۽ شخصيتن سان ملاقاتن ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين، خطي جي صورتحال ۽ ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪندو. واضح رهي ته شاهه محمود قريشي کي نيويارڪ ۾ ئي ڀارتي هم منصب سشما سوراج سان به ملاقات ڪرڻي هئي پر ڀارت والاريل ڪشمير جي تازي صورتحال جو بهانو بڻائيندي ملاقات طئي ڪري انڪار ڪري ڇڏيو هو، ان سلسلي ۾ دوها ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت طرفان ڳالهين کان پوئتي هٽڻ تي  افسوس ٿيو آهي،  ٻنهي ملڪن جي حل گهربل مسئلن جو حل ڳالهين ۾ ئي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ حل طلب مسئلن جو حل ڳالهين ۾ ئي آهي، ڳالهين سان سموري خطي کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ موقف ڀرپور نموني سان پيش ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته اجلاسن ۽ ملاقاتن ۾ به پاڪستان جو موقف ڀرپور نموني پيش ڪيو ويندو. شاهه محمود قريشي چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو سان ملاقات گڏيل لاڳاپن ۾ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here