اميد ته سنڌ حڪومت حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سالياني عرس جا انتظام به بهتر بڻائيندي: سيد وقار حسين شاهه لطيفي

230
0
SHARE

ڀٽ شاهه: ڀٽ شاهه جي درگاهه سيد وقار حسين شاهه لطيفي چيو آهي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ساليانو عرس ويجهو آهي، اميد ته سنڌ حڪومت محرم الحرام جيان عرس جا انتظام به بهتر بڻائيندي، ڌرتي ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي سيد وقار حسين شاهه لطيفي چيو ته هو پر اميد آهي ته موجوده ايس ايس پي سيد زاهد حسين شاهه جي قيادت ۾ ڀٽائي جي ميلي ۾ فل پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويندا، زائرين جي تحفظ توڙي درگاهه ڀٽائي جي حفاظت لاءِ بهتر قدم کنيا ويندا، سندس چوڻ هو ته موجوده ايس ايس پي مٽياري کي برقرار رکي ڀٽ شاهه جي ميلي جي انتظام ڪيا وڃن ڇو ته موجوده ايس ايس پي بهترين حڪمت تحت محرم جي سيڪيورٽي ڪئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here