وزيراعظم عمران خان سڀ کان پهريان پنهنجو گهر قانون جي ڌارا ۾ آڻي: چيف جسٽس

73
0
SHARE

اسلام آباد: بني گالا ڪيس ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا آهن ته عمران خان سڀ کان پهريان پنهنجو گهر قانون جي ڌارا ۾ آڻي ۽ سڀ کان پهريون ڏنڊ به هن کي ادا ڪرڻو پوندو، چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ بني گالا ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته سروي آف پاڪستان ڪورنگ نالــَي جي سروي ڪري رپورٽ ڏني آهي، ڪورنگ نالي تي ماڻهو اڏاتون قائم ڪيون آهن، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته نالَي تان اڏاوتون ختم ڪنهن کي ڪرائڻيون آهن ؟ عمران خان هن وقت وزيراعظم آهي جڏهن ته عمران خان هن ئي اعليٰ عدالت کي خط لکي معاملي تي نوٽيس وٺڻ جي استدعا ڪئي هئي نوٽيس وٺڻ تي خبر پئي ته بني گالا ۾ اڏاوتن جي ڀرمار آهي، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته علائقي جو گندو پاڻي روال ڊيم ۾ وڃي رهيو آهي، وزيراعظم پنهنجو گهر به ريگيولر ڪري ۽ ٻين جا به ڪرائي، جيڪو قانوني ڏنڊ ادا ڪرڻ گهرجي ، واضح ڪيو هو ته نالــَي جي حدن ۾ گهر ڊاٿا ويندا، جڏهن ته بني گالا جي حوالي سان جيڪو ڪرڻو آهي حڪومت فيصلو ڪري، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته عمران خان درخواست گذار جي حيثيت سان عدالت ۾ آيو هو ۽ اڄ وزيراعظم آهي، عمران خان بني گالا اڏاوتن جي حوالي سان ڪهڙا قدم کنيا ؟ عمران خان جي پنهنجي گهر جي اين او سي جو به تڪرار هو، عمران خان سڀ کان پهريان پنهنجو گهر قانوني ڌارا ۾ آڻي ۽ سڀ کان پهريان ڏنڊ عمران خان کي ادا ڪرڻو پوندو، عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته وزيراعظم بني گالا جي حوالي سان 3 اجلاس منعقد ڪري چڪو آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جمعي تائين آگاهه ڪيو وڃي بني گالا جي حوالي سان ڪهڙو فيصلو ڪيو ويو ؟ هلندڙ هفتي ئي ڪيس اڪلايو ويندو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جمعي تائين روڪي ڇڏي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here