مانجهند پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر نه ٿيڻ خلاف شاگردن ۽ ڳوٺاڻن جو احتجاج

39
0
SHARE

مانجهند: مانجهند ويجهو ڳوٺ راڄڙي ۾ قائم پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر نه ٿيڻ خلاف شاگردن ۽ ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جوڳي کوسي، شجاع کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاگردن ۽ ڳوٺاڻ مظاهرو ڪري انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته گذريل 6 مهينن کان اسڪول ۾ استاد مقرر نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، سندن چوڻ هو ته لاڳاپيل کاتي جي آفيسرن آڏو دانهڻ باوجود مسئلي جي حل لاءِ ڪي به اپاءُ ناهن ورتا ويا جنهن ڪري ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن هڪ هفتي اندر مسئلو حل نه ٿيو ته انڊس هاءِ تي ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن جي ذميوار انتظاميا هوندي .

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here