اسلام آباد پوليس، فيصل رضا عبادي کي سپريم ڪورٽ ۾ حاضري کانپوءِ گرفتار ڪري ورتو

37
0
SHARE

اسلام آباد پوليس، فيصل رضا عبادي کي سپريم ڪورٽ ۾ حاضري کانپوءِ گرفتار ڪري ورتو.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ فيصل رضا عابدي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ان ڏس ۾ پ پ جو اڳوڻو اڳواڻ فيصل رضا عابدي عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ استدعا ڪئي ته سندس وڪيل عمري تي ويل آهي تنهن ڪري سندس واپسي يا ٻيو وڪيل ڪرڻ تائين ڪيس روڪيو وڃي .

عدالت فيصل رضا عابدي جي استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي 30 آڪٽوبر تائين روڪي ڇڏي ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

فيصل رضا عابدي ان ڪيس ۾ راهداري ضمانت ڪرائي آهي.

ٻئي طرف فيصل رضا عابدي جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ حاضري کانپوءِ ٻاهر آيو ته واپسي دوران شاهراهه دستور تي اسلام آباد پوليس کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته فيصل رضا عبادي خلاف سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ هڪ ٻيو ڪيس گذريل رات داخل ڪيو ويو جنهن جو فريادي اي ايس آءِ شوڪت عباسي آهي.

پوليس ذريعن مطابق فيصل رضا عابدي خلاف ڪيس ۾ شهرت کي نقصان پهچائڻ، بدنام ڪرڻ جا قلم لڳايا ويا آهن ۽ کيس گذريل رات داخل ڪيل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس مطابق فيصل رضا عابدي خلاف سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ سپريم ڪورٽ ترجمان جي فرياد تي به ڪيس داخل آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here