عمرڪوٽ ۾ بيمار ٻڪرين جو کير پيئڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 8 معصوم ٻارڙا بيهوش

98
0
SHARE

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ويجهو بيمار ٻڪرين جو کير پيئڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 8 معصوم ٻارڙا بيهوش ٿي ويا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڳوٺ ڀوجرا جيو ۾ بيمار ٻڪرين جو کير پيئڻ سبب ھڪ ئي خاندان جا 8 معصوم ٻارڙا بيھوش ٿي ويا جن کي سول اسپتال عمر ڪوٽ منتقل ڪيو ويو، بيهوش ٿيل ٻارڙين ۾ 5 ورهين جو جيسو ڀيل، 4 ورهين جو ڍولو، 7 ورهين جي نينا، 6 ورهين جي عظيمت، 4 ورهين جـِي پانچو، 3 ورهين جي ختيجه، 9 ورهين جي حـُرمي  ۽  4 سالا کيمي ڀيل شامل آھن، اسپتال ۾ ڊاڪٽر موجود نه هئڻ ڪري ٻارڙا تڙپندا رهيا، وارثن جي رڙين تي ڊاڪٽرن پهچي کين طبي امداد ڏني.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here