گمبٽ ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي جو جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ پوليس خلاف احتجاج

189
0
SHARE

گمبٽ: گمبٽ ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو.،پريس ڪلب اڳيان احتجاج بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺ مينهون خان ڄامڙو واسڻ آمنه ڄامڙو چيو ته هن 6 مهينا اڳ محمد اسحاق ڄامڙي سان شادي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ سندس مائٽ ويري بڻجي ويا آهن،سندس چوڻ هو ته گذريل ڏينهن جوابدار لياقت، طالب، علي نواز، گل حسن ڄامڙو ۽ ٻين گهر تي حملو ڪري فائرنگ پر هو معجزاڻي طور بچي ويا،هن الزام هنيو ته پوليس بااثر جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي سندس مڙس ۽ ڏير تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڏير کي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي،متاثر جوڙي وڏي وزير سيد مراد  علي شاهه، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي ناجائزين جو نوٽيس وٺي  جوابدارن کي گرفتار ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here