عمران خان ۽ جهانگير ترين نااهل ٿي چڪا، رڳو ٺپو لڳڻ جي دير آهي:طلال چوڌري

88
0
SHARE

اسلام آباد: گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته نواز شريف جي ڪيس ۾ ايتري تڪڙ رڳو کيس سياسي طور ڪيرائڻ لاءِ ڪئي وئي،اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته نواز شريف ۽ سندس خاندان جو ٽرائل ته شروع ڪيو ويو پر نظرثاني اپيل  جو جواب نه آيو، نواز شريف جي ٽرائل کي ٽاپ گيئر ۾ وجهڻ جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟هن چيو ته نيب قانون موجب عبوري ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو نٿو ٿئي، عارضي فرد جرم آمريت جي دور ۾ به نه لڳو،  ٽرائل جلدي ٿيو ،نواز شريف سان ناانصافي ٿي،سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي مقبول ليڊر شپ کي گهر موڪليو ويو، نواز شريف کي هٽائڻ سان ملڪ کي نقصان ٿيو، اسٽاڪ ايڪسچينج نقصان ۾ آهي ۽ سي پيڪ تي به سوال اٿي رهيا آهن،طلال چوڌري چيو ته جهانگير ترين جعلسازي جو ماهر آهن، هن پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن سان به دوکو ڪيو، عمران خان ۽ جهانگير ترين تي اخلاقي الزام آهن، ٻئي ڄڻا نااهل ٿي چڪا آهن، رڳو ٺپو لڳڻ جي دير آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here