ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد موهن جو دڙو ۽ روهي ايڪسپريس جو افتتاح ڪري ڇڏيو

46
0
SHARE

سکر: ريلوي واري وزير موهن جو دڙو ۽ روهي ايڪسپريس جو افتتاح ڪري ڇڏيو، شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ٽرينن کي 8 سالن کانپوءِ بحال ڪيو ويو آهي، جلد ڪراچي کان حيدرآباد تائين شٽل ٽرين هلائي ويندي، ريلوي واري وزير شيخ رشيد سکر پهچي موهن جو دڙو ۽ روهي ايڪسپريس جو افتتاح ڪيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته ٽرينون سنڌ جي عوام لاءِ هلايون آهن، جڏهن ته هن جيتري غربت سکر ۾ ڏٺي اوتري ڪنهن ٻئي هنڌ اوتري ناهي، وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته جلد ڪراچي کان حيدر آباد تائين شٽل ٽرين هلائي ويندي، موهن جو دڙو ايڪسپريس روهڙي کان ڪوٽڙي تائين هلندي، جڏهن ته سکر کان خانپور روهي ايڪسپريس به هلائي ويندي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ريلوي وٽ هڪ لک 96 هزار ايڪڙ زمين آهي، هو ڪوشش ڪري رهيو آهي ريلوي جي ملازمن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ريلوي واري وزير شيد رشيد چيو ته سي پيڪ چين جي اسٽريٽجڪ منصوبابندي جي بنياد آهي، هن چيو ته  پاڪستان ريلوي کي سي پيڪ ۾ اهم ڪردار حاصل هوندو، هو چين سان ايم ايل ٽو تي به ڳالهائيندو، ريلوي واري وزير شيخ رشيد روهڙي ريلوي اسيشن جو پڻ دورو ڪيو جنهن دوران هن اسٽالن جو معائنو ڪيو ۽ هڪ اسٽال تي ڀاڄي کائي چيڪ ڪيو، پر ڀاڄي غير معياري هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. شيخ رشيد چيو ته روهڙي ريلوي جنڪشن تي وڌيڪ 3 پليٽ فارم ٺهرايا ويندا، جنهن جي لاڳت 15 ڪروڙ کان وڌيڪ لڳندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here