ڪنڌڪوٽ ويجهو هانءُ ڏاريندڙ حادثو، 7 ڄڻا فوت، 9 زخمي

228
1
SHARE

ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ ويجهو هانءُ ڏاريندڙ حادثو پيش آيو آهي، ٽرين جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 7 ڄڻا فوت ۽ 9 زخمي ٿي پيا، شريف بجاراڻي لاڙي وٽ خوشحال خان خٽڪ جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 7 ڄڻا فوت ۽ 9 زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ زرينا ، نور جهان، اشفاق ، ابراهيم، رياض ۽ روبينا شامل آهن جڏهن ته فوتين جي لاشن ۽ قربان لاشاري سوڌو ٻين زخمين کي ڪنڌڪوٽ اسپتال پهچايو ويو، زخمين مان ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، ڊپٽي ڪمشنر راجا طارق چانڊيو جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ضرورت پوڻ تي زخمين کي ٻين شهرن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو.

1 COMMENT

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here