ڄام خان شورو جا گرفتاري وارنٽ جاري،اڳوڻي وزير حفاظتي ضمانت ڪرائي ورتي

41
0
SHARE

ڪراچي:نيب سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شورو جي گرفتاري لاءِ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ڪنهن به وقت سندس گرفتاري جو امڪان آهي ، گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڄام خان شورو سنڌ هاءِ ڪورٽ ضمانت مان حفاظي ضمانت ڪرائي ورتي، نيب ترجمان مطابق ڄام خان شورو جي گرفتاري لاءِ وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. نيب طرفان ڄام خان شورو جي گرفتاري لاءِ نيب سنڌ جي سينيئر اڳواڻ جي اڳواڻي ۾ ٽيم جوڙي وئي آهي. ڄام خان شورو تي مڪاني ادارن واري کاتي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي ڪنهن به وقت سندس گرفتاري جو امڪان آهي. نيب پاران گرفتاري وارنٽ پڌرا ٿيڻ کانپوءِ اڳوڻو صوبائي وزير ڄام خان شورو ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو. ڄام خان شورو پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته هو جاچ ۾ نيب سهڪار ڪندو سندس ضمانت منظور ڪئي وڃي، عدالت سندس درخواست منظور ڪندي حفاظتي ضمانت ڏئي ڇڏي……

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here