ڪراچي: رينجرز هٿان ڦرلٽ ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث گروهه جو سربراهه گرفتار

50
0
SHARE

رينجرز ڪراچي ۾ ڦرلٽ ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي ٻين وارداتن ۾ ملوث گروهه جي سربراهه کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

رينجرز ترجمان موجب ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال جي ريلوي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران ڦرلٽ ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي وارداتن ۾ ملوث گروهه جي سربراهه کي گرفتار ڪيو ويو.

ترجمان ٻڌايو ته جوابدار کي سي سي ٽي وي فٽيجز جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ وصي الله جي نالي طور ٿي آهي، جوابدار ناظم آباد ۽ شريف آباد ۾ وارداتون ڪري رهيو هو.

رينجرز ترجمان چيو ته گرفتار ڪيل جوابدار جي قبضي مان هٿيار ۽ ٻيو سامان به هٿ ڪيو ويو آهي………….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here