پيپلز پارٽي گئس جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو

31
0
SHARE

پيپلز پارٽي گئس جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي حڪومتي فيصلي کي عوام دشمن قرار ڏئي ڇڏيو، نيئر بخاري جو چوڻ آهي ته حڪومت جو هر ڏينهن غريبن تي سونامي کان به بدتر ثابت ٿي رهيو آهي.

پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسپتالن ۽ فلاحي ادارن ڏانهن گئس بلن ۾ 462 سيڪڙو واڌ دشمني آهي.

هن چيو ته حڪمران غريب مريضن کان زنده رهڻ جو حق به کسي رهيا آهن، حڪومت جو هر ڏينهن غريبن تي سونامي کان به بدتر ثابت ٿي رهيو آهي.

نيئر بخاري چيو ته حڪومت ۾ شريڪ ماڻهو سرمائيدارن کي فائدو ڏيندڙ رٿائون جوڙين ٿا، ڪمائي وارو هر شعبو خاص مددگار حوالي ڪيو يوو آهي.

نيئر بخاري چيو ته بنيادي ضرورتن جا اگهه عوام جي پهچ کان پري ڪيا پيا وڃن، حڪومت جي خرچن جو بار شهرين تي وڌو پيو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here