وزيراعظم عمران خان جو دورو ڪامياب، سعودي عرب پاران پاڪستان لاءِ امداد جو اعلان

23
0
SHARE

وزيراعظم عمران خان جو دورو ڪاميا ٿي ويو، سعودي عرب پاران پاڪستان کي لڳ ڀڳ 9 ارب ڊالرز جو تيل اوڌر تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، سعودي عرب کان 3 ارب ڊالر ماليت جو تيل اوڌر تي وٺڻ جي معاهدي تي عمل 3 سالن لاءِ هوندو.سعودي عرب طرفان 3 ارب ڊالر ماليت جو تيل ساليانو ڏنو ويندو، هڪ سال کانپوءِ معاهدي جو جائزو ورتو ويندو ۽ سعودي عرب مجموعي طور پاڪستان کي ٽن ورهين ۾ 9 ارب ڊالر ماليت جو تيل اوڌر تي ڏيندو.پڌرائيءَ موجب سعودي عرب، پاڪستان ۾ آئل ريفائري منصوبو لڳائڻ تي به راضي ٿي ويو آهي،پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سعودي عرب پاڪستان جي اڪائونٽن ۾ 3 ارب ڊالر رکڻ جو به فيصلو ڪندي بلوچستان ۾ معدني وسيلن جي ڳولا لاءِ به سعودي عرب دلچسپي ظاهر ڪئي آهي،ذريعن موجب رقم پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ رکڻ سان پاڪستان ۾ ڏي وٺ جي ذخيرن تي دٻاءَ ۾ گهٽتائي ايندي، معاهدي کانپوءِ ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي ملهه ۾ به استحڪام ايندو………….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here