پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان آسٽريليا کي 66 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

119
0
SHARE

پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان آسٽريليا کي 66 رنز تان شڪست ڏئي ٽن ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي سرسي حاصل ڪري ورتيآهي

پاڪستان پهريا بيٽنگ ڪندي 155 رنسون ٺاهيون، بابر اعظم 68 رنز ٺاهي سڀني کان اڳڀرو رهيو، محمد حفيظ 39، حسين طلعت 9، آصف علي 2 ۽ شاداب خان هڪ رنز ٺاهي سگهيو، جڏهن ته فهيم اشرف، ڪپتان سرفراز احمد ۽ عماد وسيم رنز ٺاهڻ کانسواءِ ئي آئوٽ ٿيا.

پاڪستان جي طرفان 155 رنز جي مليل هدف پٺيان لڳندي آسٽريليا جي سموري ٽيم 89 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي.

ڪينگروز طرفان ڪپتان ايرون فنچ ۽ ڊارسي شارٽ اننگز جي شروعات ڪئي ۽ پهرين ئي اوور ۾ فنچ کاتو کولڻ بنا عماد وسيم جي بال تي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته ساڳئي اوور ۾ ڊارسي شارٽ به پنهنجي وڪيٽ وڃائي ڇڏي.

ميڪسويل به متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو ۽ ٻه رنسون ٺاهي فهيم اشرف هٿان آئوٽ ٿي ويو.

آسٽريلوي طرفان ناٿن ڪارٽرنيل 34 رنسون ٺاهي اڳڀرو رهيو جڏهن ته ايشتهن اگر 19 رنسون ٺاهيون.

آسٽريلوي جي سموري ٽيم 17 اوورن ۾ 89 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.

پاڪستان طرفان عماد وسيم شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 3 وڪيٽون ورتيون، فهيم اشرف ۽ شاهين آفريدي ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته حسن علي ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي……..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here