پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏئي ٽن ميچز تي ٻڌل سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

28
0
SHARE

پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏئي ٽن ميچز تي ٻڌل سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.

دبئي ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي  ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

فخر الزمان ۽ بابر اعظم اننگ جي شروعات ڪئي، فخر المان هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اننگ کيڏڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ رڳو 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

محمد حفيظ ۽ بابر اعظم ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم جي پوزيشن مضبوط بڻائي، محمد حفيظ 40 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته بابر اعظم 45 رنسون ٺاهي پويلين واپس موٽيو،

قومي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون ۽ آسٽريليا کي ميچ کٽڻ لاءِ 148 رنز جو هدف ڏنو.

آسٽريليا جي طرفان ناٿن ڪالٽرنيل 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته اسٽين ليڪ ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

آسٽريلين ٽيم 148 رنسن جي جواب ۾ مقرر اوورن ۾ 8 رانديگرن جي نقصان تي رڳو هڪ سئو 36 رنسون ٺاهي سگهي.

آسٽريليا طرفان ميڪسويل 52 ۽ ڪالٽرنيل 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا، جڏهن ته پاڪستاني بالر شاداب خان ۽ شاهين آفريدي ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

محمد حفيظ کي بهترين اننگ کيڏڻ تي ڀلوڙ بيٽسمين ۽ عماد وسيم کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو……….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here