ٺٽي ۾ پوليس جي ڪارروائي، نقلي ڊي ايس پي سڏائيندڙ جوابدار زال ۽ ساٿين سوڌو گرفتار

43
0
SHARE

ٺٽي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري نقلي ڊي ايس پي سڏائيندڙ جوابدار کي زال ۽ ساٿين سوڌو گرفتار ڪري ويگو گاڏي، منشات ۽ نقلي پوليس ڪارڊ هٿ ڪيا ويا آهن.

ايس ايس پي ٺٽو شبير سيٺار موجب عوامي شڪايتن تي پوليس باءِ پاس وٽ ڪارروائي ڪئي.

ڪارروائي وقت نقلي ڊي ايس پي سڏائيندڙ جوابدار فرحان شفيع، سندس زال صائمه، ٻن ساٿين انور ۽ وقار گندرو کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ويگو گاڏي، چرس، گٽڪي ۾ ملائيندڙ چورو ۽ جعلي پوليس ڪارڊ هٿ ڪيا ويا آهن.

ايس ايس پي ٺٽي موجب گرفتار جوابدار ڪراچي پوليس جو برطرف ٿيل جمعدار آهي، جنهن ويگو گاڏي تي آرمي جو لوگو هڻائي پنهنجي ساٿين جي مدد سان ماڻهن کي پڪڙي ڀتا خوري ڪندو هو.

ايس ايس پي شبير سيٺار موجب گرفتار ٿيل جوابدارن خلاف ٽي ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here