ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو اڄ ملهايو پيو وڃي

59
0
SHARE

ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو اڄ ملهايو پيو وڃي.

ڪراچي، سکر، ملتان، لاهور ۽ راولپنڊي سوڌو ڪي پي، بلوچستان، آزاد ڪشمير جي مختلف ضلعن ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل رهندي.

ڪراچي، لاڙڪاڻو، نوابشاهه سوڌو سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي.

صوبائي حڪومتن جي درخواستن تي گهرو وزارت ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي تي سنڌ، ڪي پي، بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف ضلعن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪرڻ جي منظوري ڏني.

سڄي ملڪ ۾ جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ سخت انتظام ڪيا ويا آهن ۽ جلوس جي روٽن تي عام ٽريفڪ بند ڪئي وئي آهي.

سنڌ ۾ اڄ سمورا سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا بند رهندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here