اسٽيل ملز ملازمن کي سيپٽمبر مهيني جي پگهار ڏيڻ جي منظوري

12
0
SHARE

اسلام آباد: اقتصادي رابطا ڪميٽي اسٽيل ملز جي ملازمن کي سيپٽمبر مهيني جي پگهار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ 7 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب اسٽيل مل جي ملازمن جي سپٽمبر 2018 جي پگهار جي مد ۾ 37 ڪروڙ 50 لک رپيا جاري ڪيا ويندا. اجلاس دوران پاڪستان اسٽيل مل جي پينشنرن جي بيواهن لاءِ به هڪ ارب رپين جي منظور ڏني وئي.ذريعن موجب ايندڙ 3 مهينن تائين پاڪستان اسٽيل مل جي ملازمن جي پگهارن وارو معاملو اي سي سي ۾ نه آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي اي سي سي 50 هزار ٽن يوريا درآمد ڪرڻ جي منظوري به ڏني. اجلاس دوران صنعت ۽ پيدوار واري وزارت طرفان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سيمنٽ جي اگهن ۾ ڪيل واڌ ۾ ڊيلر ملوث آهن، جنهن تي اي سي سي صوبائي حڪومتن کي سيمنٽ جي اگهه معلوم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here