سنڌ ۾ گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس جي جاچ آفيسرن جون بدليون روڪڻ جو حڪم

9
0
SHARE

ڪراچي:سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته کين الله جي آڏو به جواب ڏيڻو پوندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 50 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي ته پوليس جي روايتي رپورٽن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته هر ڀيري ساڳيون رپورٽون کڻي ٿا اچو اسان کي الله آڏو به جواب ڏيڻو آهي. هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ کي گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس جي جاچ آفيسرن جون بدليون روڪڻ جو حڪم ڏيندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي ڪيس ذاتي طور ڏسڻ جو حڪم ڏنو. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته جاچ آفيسر بدلي ٿيڻ جي ڪري ڪيس رولڙي جو شڪار آهن، آفيسر تبديل ڪرڻ کان اڳ عدالت کي ڄاڻ ڏني وڃي. گم ٿيل شهري عدالت آڏو دانهيو ته سندس مڙس 2017 کان گم آهي پر هڪ به جي آءِ ٽي جو سيشن ناهي ٿيو. عدالت ڊي ايس پي ڪورنگي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان عدالت جي حڪمن کي ڇو ڪو نه ٿا مڃو. عدالت گم ٿيل ماڻهن جي جي آءِ ٽي بابت حڪم تي عمل نه ٿيڻ تي ايس ايس پي ڪورنگي کان جواب گهري ورتو آهي. گم ٿيل نوجوان جي امڙ چيو ته هڪ ئي پٽ آهي ساجد علي جنهن کي چئن سالن کان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، گهر ۾ ڇهه نياڻيون آهن، ڪير به ڪمائڻ وارو ناهي. گم ٿيل نوجوان جي پيءُ حنيف عدالت ۾ روئيندي چيو ته رڳو ايترو ٻڌايو ته پٽ زندهه آهي يا مري ويو آهي………..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here