پرڏيهي کاتي آسيا بي بي جي پرڏيهه وڃڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

21
0
SHARE

اسلام آباد: پاڪستان جي پرڏيهي کاتي آسيا بي بي جي پرڏيهه وڃڻ واري خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آسيا بي بي پاڪستان ۾ موجود آهي، پرڏيهه وڃڻ واري خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي. آسيا بي بي جي وڪيل سيف الملوڪ بي بي سي سان ڳالهائيندي آسيا بي بي جي آزاد ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. واضح رهي ته آسيا بي بي بابت پرڏيهه وڃڻ واريون خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته آسيا بي بي کي نور خان ايئربيس کان هالينڊ اماڻيو ويو آهي…….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here