سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ آسيا بيبي کي ملتان جيل مان آزاد ڪيو ويو

17
0
SHARE

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ آسيا بيبي کي وومن جيل ملتان مان آزاد ڪيو ويو آهي ذريعن موجب، آسيا بيبي جي روبرڪار اربع ڏينهن وومن جيل ملتان ملي ويو هو جنهن بعد سندس آزادي عمل ۾ آئي. واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ 2010 ۾ آسيا بيبي کي توهين رسالت جي الزام ۾ موت جي سزا ٻڌائي هئي جڏهن ته آسيا بيبي طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيلون ڪيون هيون. سپريم ڪورٽ گذريل مهيني ۾ آسيا بيبي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو جنهن کانپوءِ مذهبي جماعتن طرفان ملڪ ۾احتجاجي مظاهرا ڪري گاڏين کي باهه ۽ ڀڃ ڊاهه ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي. احتجاج ختم ڪرڻ کانپوءِ حڪومت ڀڃ ڊاهه وارن واقعن ۾ ملوث شرپسندن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو هو جنهن کانپوءِ ملڪ جي مختلف شهرن مان ٻه هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار احتجاجن دوران ڪيل ڀڃ ڊاهه ۽ گاڏين کي باهه ڏيڻ جو نوٽيس ورتو آهي………..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here