ميان نواز شريف ماحول ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: آصف علي زرداري

16
0
SHARE

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته يوٽرن خان جي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران هر شئي مهانگي ڪري ڇڏي، لڳي ٿو ته منظور وساڻ جو خواب پورو ٿيندو، حڪومت مدو پورو نه ڪندي ، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جون خيرپور ۾ ميڊيا سان ڳالهيون، سندس چوڻ آهي ته وفاقي سرڪار سنڌ جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪري رهي آهي، جيڪڏهن وفاق طرفان صحيح نموني فنڊ ملن ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا خيرپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته پ پ حڪومت ڪم ڪيو ۽ ماڻهن کي زمينن جا پئسا ڏنا، پاڻي بحران ختم ڪرڻ لاءِ سڀ ڪوششن ۾ رڌل آهن هن چيو ته ڀاشا ڊيم سڀني جي سوچ ۾ هو ۽ آهي، منظور وساڻ جي خواب موجب حڪومت مدو پورو نه ڪندي، مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، حڪومت عوام کي رليف نه پئي ڏي سياست ۾ هاڻي ٻيا رانديگر به کيڏندا بلاول ڀٽو زرداري به انهن ۾ شامل هوندو اڳوڻي صدر چيو ته موجودا حالتن ۾ ڪو به بيوروڪريٽ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، آصف علي زرداري چيو ته جيڪي غريب ماڻهو ٽي وي تي نظر آيا پوليس انهن کي پڪڙيندي باقي الزام لڳائيندڙن سان اين آر او ڪيو ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف بابت پڇيل سوال تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جواب ڏنو ته گهڻو ڪري ميان نواز شريف ۽ مريم نواز ماحول کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ميڊيا هائوسز مان ورڪرن کي نيڪالي ڏيڻ جي به مذمت ڪئي……………

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here