سنڌ جو پاڻي چورائيندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبو :مرتضيٰ وهاب

10
0
SHARE

ڪراچي:صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ جو پاڻي چورائيندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبو، وفاق به تسليم ڪيو آهي ته سنڌ کي گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، گورنر سنڌ وفاق جو نمائندو آهي، آئين پڙهي ۽ مرڪز ۾ سنڌ لاءِ آواز اٿاري. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڀرپور نموني جاري آهي، سياسي جماعتن کي درخواست آهي ته هو سهڪار ڪن، غير قانوني هاءِ ڊرنٽس خلاف به ڪريڪ ڊائون هلندڙ آهي هن چيو ته وفاق پاران 91 واري ٺاهه تحت پاڻي نه ملڻ سنڌ جي موقف جي تائيد آهي، وفاق پاڻي واري معاهدي تي فوري طور عملدرآمد يقيني بڻائي. صوبائي صلاحڪار چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ۾ گذريل رات ڪارروائي غلط فهمي جي بنياد تي ڪئي وئي آهي، حڪومت معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي صدر مان حددخليون هٽايون پيون وڃن، مخالف جماعتون ان معاملي تي پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪري. هن چيو ته فواد چوڌري جا بيان رڳو سياسي پوائنٽ اسڪورنگ آهي ان جي بيانن تي گورنر هائوس مان ترديد اچي وڃي حليم عادل شيخ هوا ۾ ڳالهيون ڪري رهيو آهي………

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here