فليگ شپ ريفرنس ۾ نواز شريف خلاف نوان ڪاغذ پيش ڪرڻ جي اجازت

8
0
SHARE

اسلام آباد: اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف فليگ شپ انويسٽمينٽ ريفرنس ۾ نيب پاران نوان ڪاغذ پيش ڪرڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي. احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ نيب پراسيڪيوٽر ۽ نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ نيب پاران نواز شريف خلاف وڌيڪ پيش ڪيل ڪاغذن واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو. خواجا حارث نيب جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته يوڪي سينٽرل اٿارٽي سان لکپڙهه نيب جي ظاهر شاهه ڪئي هئي اهو عدالت ۾ شاهد طور پيش ٿي چڪو آهي. خواجا حارث سوال اٿاريو ته ظاهر شاهه جي شاهدي سان گڏ ڪاغذ پيش ڇو نه ڪيا ويا؟. نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي جواب ڏيندي چيو ته ڪاغذن ۾ لکيل آهي ته خط جو جواب ملڻ کانپوءِ ڪاغذ پيش ڪيا ويندا، خواجا حارث چيو ته ڪاغذ پيش ڪيو ٿا ته اهو شاهد به عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته فليگ شپ جي ڪاغذن سان جاچ جو ڪهڙو تعلق آهي، نيب ته اهو ناهي ٻڌايو جج پڇاڻو ڪيو ته 8 مهينا دير سان اهي ڪاغذ ڇو ٿا پيش ڪيو؟، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ نيب جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو،جيڪو ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌائيندي نيب کي نوان دستاويز پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here