اسلام آباد مان اغوا کانپوءِ افغانستان ۾ قتل ٿيل ايس پي طاهر داوڙ جو مڙهه سرڪاري اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي

43
0
SHARE

اسلام آباد مان اغوا کانپوءِ افغانستان ۾ قتل ٿيل ايس پي طاهر داوڙ جو مڙهه سرڪاري اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ مملڪتي وزير شهريار آفريدي، ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان، ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل شاهه مظهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پشاور پوليس لائن ۾ مقتول ايس پي طاهر خان داوڙ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهنن ۾ جنازي نماز ۾ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، گورنر شاهه فرمان، مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي ۽ آءِ جي پوليس شرڪت ڪئي.

صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي، ڪي پي حڪومت جو ترجمان اجمل وزير، ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل شاهين مظهر محمود ۽ ڪمانڊنٽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري معضم انصاري سميت اعليٰ پوليس ۽ سول اختياريون به جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيون.

ڪي پي پوليس جي دستي شهيد ايس پي کي سلامي ڏني، جنهن کانپوءِ سرڪاري اعزاز سان مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ان کان اڳ افغان اختيارين پاڪستان حڪومت سان ڳالهين کانپوءِ ايس پي طاهر خان داوڙ جو مڙهه طور خم بارڊر ذريعي پاڪستاني وفد حوالي ڪيو.

ايس پي طاهر خان داوڙ جو مڙهه مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي، ايم اين اي محسن داوڙ، ڪي پي جو سڌ سماءَ وارو وزير شوڪت يوسفزئي، خيبر محمود ضلعي جو ڊي سي وصول ڪيو.

مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي جو چوڻ آهي ته ايس پي طاهر خان داوڙ جو مڙهه پاڪستان حوالي ڪرڻ بابت افغانستان جو رويو تڪليف ڏيندڙ هو.

شهريار آفريدي جو چوڻ هو ته شهيد ايس پي جو مڙهه حوالي نه ڪرڻ جو مقصد پاڪستان ۾ ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ڪرڻ هو، معاملو سفارتي سطح تي افغان حڪومت آڏو رکيو ويندو……

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here