سنڌ وفاق کان 14 ڏهائي 132 ملين رپين جا 23 ڪيش ڊولپيمينٽ لونس ڏنا آهن:وڏو وزير

62
1
SHARE

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پوليس کي ڪنهن به صورت ۾ هاف يا فل فراءِ جي اجازت نه ڏني ويندي، تعليم مفت ڪئي آهي، استادن جي ميرٽ تي ڀرتي ڪئي پئي وڃي ۽ گهوسٽ استادن خلاف آپريشن هلندڙ آهي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو.

سوالن جا جواب ڏيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت وفاق کان 14 ڏهائي 132 ملين رپين جا 23 ڪيش ڊولپيمينٽ لونس ڏنا آهن، انهن قرضن جو ساليانو وياج 7 ڏهائي 42 سيڪڙو کان 17 ڏهائي 71 سيڪڙو آهي جيڪو 24 سالن ۾ واپس ڪرڻو آهي جنهن جو 5 سال گريس پيرڊ آهي اهو قرض 2003 تائين ورتو ويو هو ان کانپوءِ ڪو به قرض ناهي ورتو ويو.

وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي ڊيپٽ مينجمينٽ اسٽريٽجي آهي، هنن 2008 ۾ رٽائر ڪيا هئا پر هاڻي وفاقي حڪومت اجازت نه ٿي ڏئي قرض جي گارنٽي وفاقي حڪومت طرفان هوندي آهي اڄ ڪلهه نه ٿي ملي،.

سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت سڌي ريت قرض نه ٿي وٺي سگهي، هــُو اسٽيٽ بينڪ کان او ڊي وٺندا آهن.

هن چيو ته ڪڻڪ جي خريداري لاءِ ڪمرشل بينڪ کان قرض ورتو ويندو آهي، هن ڀيري حڪومت به اسٽيٽ بينڪ کان او ڊي ورتي هئي هو نه پيا وٺن هنن وٽ فنڊ آهن.

وڏي وزير چيو ته تعليم هڪ بنيادي حق آهي، هنن تعليم مفت ڪئي آهي، استادن جي ڀرتي ميرٽ تي ڪئي پئي وڃي ۽ گهوسٽ استادن خلاف آپريشن هلندڙ آهي.

سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ پوليس خلاف چئن سالن ۾ هيومن رائٽس جون 31 شڪايتون مليون ، سنڌ حڪومت جي ٽول فري لائين ذريعي 397 هيومن رائيٽس جون شڪايتون حل ٿيون.

وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت فري ليگل ايڊ جي ادارن کي فنڊ ڪندي آهي ته جيئن هيومن رائيٽس جي ڪيسن کي ليگل فورمز تي اٿاري سگهجي.

وڏي وزير مراد علي شاهه ، شرجيل ميمڻ جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته پوليس کي فل فراءِ ۽ هاف فراءِ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي.

هن چيو ته عدالتون موجود آهن اهي سزائون ڏين، پوليس کي اها اجازت ناهي.

مراد علي شاهه چيو ته جيڪو پوليس آفيسر هاءِ يا فل فراءِ ۾ ملوث هوندو ان خلاف جاچ ٿيندي.

اجلاس دوران مختلف معاملن تي بحث هلندڙ هو ته اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي سومر تائين روڪي ڇڏي.

1 COMMENT

  1. سنڌ حڪومت کي تعليم صحت ءِ امن لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻا آهن نه ته اينڊر اليشن ۾ نتيجا عوام وڌيڪ بهتر ڏيندو

    DHAKarachi Estate
    Property for Buy, Sell or Rent
    1st Property Dealing Website in DHA Karachi and Defence View.
    Buy Property, Sell Property, Rent Property, Commercial or Residential Bungalows, Apartments, Offices or Plots. Bungalows in DHA Karachi, Bungalows in Defence View.
    http://www.dhakarachi.estate

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here