دنيا ۾ نصاب موجب فيس ورتي وڃي ٿي، خانگي اسڪول ڏهه سيڪڙو غريب شاگردن کي مفت داخلا ڏيڻ جا پابند آهن:سردار شاهه

67
0
SHARE

تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته دنيا ۾ نصاب موجب فيس ورتي وڃي ٿي، خانگي اسڪول ڏهه سيڪڙو غريب شاگردن کي مفت داخلا ڏيڻ جا پابند آهن پر ان تي عمل نه ٿو ٿئي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد سردار شاهه چيو ته هو غريب ٻارن کي داخلا ڏيارڻ چاهن ٿا، بيڪن ۽ سٽي اسڪول وارا تعليم کاتي کي ڪنهن به ليٽر جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهن.

هن چيو ته والدين پنهنجي ٻارن جو مسقبل چاهن ٿا ته تعليم کاتي جي آفيسر سان سهڪار ڪن، اهو تاثر غلط آهي ته هو خانگي اسڪولن جي خلاف آهي.

صوبائي وزير چيو ته هتي پاڪستان جو قانون هلندو، پاڪستان برطانيا جي ڪالوني ناهي جو هو برطانيا جي دٻاءَ ۾ اچن، جلدي ڇهه هزار جونيئر ايليمنٽري استاد ڀرتي ڪيا ويندا.

سيد سردار شاهه چيو ته لاڙ ۾ سامونڊي پٽي جي اثر جي ڪري اسڪولن جون عمارتون تباهه ٿي ويون آهن، سيڪريٽريٽ ۾ تيرنهن جي جاءِ تي ٻه ايڊيشنل سيڪريٽري ويٺل آهن.

صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته سندس تڪ سنڌ کان ٻاهر ناهي جيڪا حالت سڄي سنڌ جي اسڪولن جي آهي تڪ ۾ به اهائي هوندي…………

1 COMMENT

  1. بهترين عمل آهي اهڙي طرح هر خانگي اسڪول ته نظر جي ضرورت آهي

    DHAKarachi Estate
    Property for Buy, Sell or Rent
    1st Property Dealing Website in DHA Karachi and Defence View.
    Buy Property, Sell Property, Rent Property, Commercial or Residential Bungalows, Apartments, Offices or Plots. Bungalows in DHA Karachi, Bungalows in Defence View.
    http://www.dhakarachi.estate

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here