احتساب عدالت پاران نواز شريف خلاف العزيزيا ۽ فليگ شپ ريفرنس ۾ ٽرائل جي مدي ۾ واڌ لاءِ سپريم ڪورٽ کي خط

59
0
SHARE

احتساب عدالت نواز شريف خلاف العزيزيا ۽ فليگ شپ ريفرنس ۾ ٽرائل جي مدي ۾ واڌ لاءِ سپريم ڪورٽ کي خط لکيو آهي.

خانگي ٽي وي چئنل موجب احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ پاران سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي نواز شريف خلاف العزيزيا ۽ فليگ شپ ريفرنس جي ٽرائل جي مدي ۾ واڌ لاءِ خط لکيل خط آهي.

خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نواز شريف خلاف العزيزيا ۽ فليگ شپ ريفرنس ۾ ٽرائل پورو ٿيڻ وارو آهي، جيڪو سپريم ڪورٽ جي ڏنل ڊيڊ لائن ۾ پورو نٿو ٿي سگھي، جنهن ۾ واڌ لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي.

خط ۾ ٻڌايو ويو آهي ته العزيزيا ۾ جوابدار جو بيان ۽ فليگ شپ ۾ آخري شاهد کان آڏي پڇا هلندڙ آهي.

ياد رهي ته سپريم ڪورٽ العزيزيا ۽ فليگ شپ ريفرنس ۾ ٽرائل جي مدي ۾ 6 ڀيرا اڳ ئي واڌ ڪري چڪي آهي ۽ آخري واڌ 12 آڪٽوبر تي ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ اعليٰ عدالت احتساب عدالت کي 17 نومبر تائين مهلت ڏني هئي.

1 COMMENT

  1. اميڊ آهي ته جلد نتيجا بهتر ايندا

    DHAKarachi Estate
    Property for Buy, Sell or Rent
    1st Property Dealing Website in DHA Karachi and Defence View.
    Buy Property, Sell Property, Rent Property, Commercial or Residential Bungalows, Apartments, Offices or Plots. Bungalows in DHA Karachi, Bungalows in Defence View.
    http://www.dhakarachi.estate

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here