جيڪو ليڊر حالتن مطابق يوٽرن نه وٺي اهو ليڊر ئي ناهي ڇو ته هٽلر ۽ نپولين يوٽرن نه وٺي وڏي شڪست کاڌي:وزيراعظم عمران خان

27
0
SHARE

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪو ليڊر حالتن مطابق يوٽرن نه وٺي اهو ليڊر ئي ناهي ڇو ته هٽلر ۽ نپولين يوٽرن نه وٺي وڏي شڪست کاڌي نواز شريف عدالت ۾ يوٽرن نه پر ڪوڙ ڳالهايو.

اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته چين جي دوري جا سٺا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، هن ڀيري چين جو دورو جيترو ڪامياب رهيو ٻئي ڪنهن وزيراعظم جو دورو ايترو ڪامياب نه رهيو، چين مان هر قسم جي امداد ملي رهيو آهي، هو مطمئن آهن.

وزيراعظم چيو ته جيڪو ليڊر حالتن مطابق يوٽرن نه ٿو وٺي اهو ليڊر ئي ناهي، جيڪو يوٽرن وٺڻ نه ٿو ڄاڻي ان کان وڏو ڪو ٻيو بيوقوف ليڊر ناهي هوندو.

عمران خان چيو ته هٽلر ۽ نپولين يوٽرن نه وٺي وڏي شڪست کاڌي، جڏهن ته نواز شريف عدالت ۾ يوٽرن نه پر ڪوڙ ڳالهايو.

سندس چوڻ هو ته ڦر ڪيل دولت جي واپسي لاءِ ڪم هلندڙ آهي، دبئي ۾ پاڪستان جي 15 ارب ڊالرز جو پتو لڳايو ويو آهي، برطانيا ۽ سوئٽرزلينڊ سان معاهدو ٿي چڪو آهي، جن سان مدد ملندي جڏهن ته پرڏيهه ۾ ملڪيتن جي انڪشاف تي اپوزيشن جي تنقيد وڌي وئي.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته احتساب قانونن ۾ ترميم جي ضرورت آهي، نيب ننڍن ڪيسن ۾ منجهي پئي، ان جي ڪارڪردگي متاثر ٿي رهي آهي.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي چيئرمين جي معاملي تي عمران خان چيو ته ڪرپشن ڪيس کي منهن ڏيندڙ ڪميٽي جو چيئرمين نه ٿو بڻجي سگهي ۽ شهباز شريف کي پي اَي سي چيئرمين مقرر ڪرڻ قوم سان مذاق هوندي تنهن ڪري ڪنهن به صورت ۾ کيس ڪميٽي جو چيئرمين نه بڻايو ويندو.

1 COMMENT

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here