سنڌ ۾ 19 کان 22 نومبر تائين موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو

28
0
SHARE

سنڌ حڪومت ڪراچي سوڌو سڄي صوبي ۾ ربيع الاول جي موقعي تي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي لاڳو پابندي جو وقت گهٽائي ڇڏيو.

گهرو کاتي جي نئين نوٽيفڪيشن مطابق ربيع الاول جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ قلم 144 لاڳو رهندو.

نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 19 نومبر کان 22 نومبر تائين سڄي سنڌ ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي.

نوٽيفڪشن ۾ چيو ويو آهي ته پابندي چپ تعزيا ۽ ربيع الاول جي جلوسن تي نه هوندي، اسپيڪر جي استعمال ۽ هٿيارن جي نمائش تي به پابندي هوندي.

ياد رهي ته سنڌ جي گهرو کاتي ، گذريل ڏينهن پهرين کان 20 ربيع الاول تائين سڄي صوبي ۾ ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي هئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here