ڪراچي فري فار آل ٽرينڊ بڻجي ويو آهي :وسيم اختر

20
0
SHARE

ڪراچي: ميئر ڪراچي وسيم اختر چيو آهي ته ڪراچي فري فار آل ٽرينڊ بڻجي ويو آهي، فٽ پاٿ ماڻهن جي هلڻ لاءِ آهي حددخلين لاءِ ناهي، جنهن کي جيئن اچي ٿو اهو ڪري ٿو، ڪي ايم سي پنهنجي حدن ۾ حددخلين خلاف آپريشن جو دائرو وڌائيندي. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ ماڊل طور صدر ايمپريس مارڪيٽ جو علائقو صاف ڪرڻ جو چيو، پر ڪي ايم سي پنهنجي حدن ۾ حددخلين خلاف آپريشن جو دائرو وڌائيندي. وسيم اختر جو چوڻ هو ته ڪي ايم سي انڪروچمينٽ خلاف پهريان به ڪارروائي ڪئي هئي پر ڪامياب نه ٿي سگهي، ماڻهن آپريشن کان پوءِ ٻيهر قبضا ڪري ورتا، سمورن آفيسرن تي واضح ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏهن هاڻي ٻيهر حددخليون ٿيون ته ان جو ذميوار لاڳاپيل آفيسر هوندو. وسيم اختر چيو ته ڪراچي فري فار آل ٽرينڊ بڻجي ويو آهي، فٽ پاٿ ماڻهن جي هلڻ لاءِ آهي حددخلين لاءِ ناهي، جنهن کي جيئن اچي ٿو اهو ڪري ٿو……..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here