قائدآباد ڌماڪو امن تباهه ڪرڻ جي سازش آهي: وڏو وزي مراد شاهه

36
0
SHARE

ڪراچي:سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قائدآباد ۾ ٿيل ڌماڪي جي پٺيان امن تباهه ڪرڻ جي سازش آهي، وزيراعظم يوٽرن کانپوءِ ڊبليــُو ٽرن تي هليو ويو آهي. وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ جناح اسپتال پهتو جتي هن قائدآباد ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي عيادت ڪئي. وڏي وزير جناح اسپتال جي انتظاميا کي زخمين کي بهتر طبي امداد ڏيڻ جي هدايت ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته هن ڌماڪي پٺيان امن تباهه ڪرڻ جي سازش آهي، آئيڊياز به ٿيڻ واري آهي ٿي سگهي ٿو ته ان سلسلي جي ڪڙي هـُجي. وڏي وزير چيو ته قائدآباد ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ 2 شهيد ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، ڌماڪي جي جاچ هلندڙ آهن جنهن جي نوعيت جو اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي جاچ کانپوءِ خبر پوندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته فرانزڪ ليب لاءِ زمين حاصل ڪئي آهي، سنڌ ۾ ليب ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيسيتائين ٻين صوبن کان مدد ورتي ويندي. وزيراعظم جي يوٽرن بابت بيان تي وڏي وزير چيو ته عمران خان جي بيان جو ڪهڙو مقصد هو هاڻي يوٽرن کان هٽي ڪري ڊبليو ٽرن ٿي ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here