هڪ ڊيموڪريٽ، هٽلر جي روپ ۾ سامهون اچي ويو:خورشيد شاهه

31
0
SHARE

سکر:پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته هڪ ڊيموڪريٽ هٽلر جي روپ ۾ سامهون اچي ويو ان کان وڏي تبديلي ڪهڙي هوندي، موجوده پارليامينٽ اڃا تائين ڪا به قانون سازي نه ڪري سگهي آهي. سکر ۾ ڊسٽرڪٽ بار ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر وزيراعظم عمران خان جي يوٽرن بابت بيان کي هڪ ڀيرو ٻيهر نشانو بڻايو. هن چيو ته جمهوري سوچ رکندڙ هر پاڪستاني کي وزيراعظم جي بيان تي حيراني ضرور ٿي هوندي، چونڊيل وزيراعظم جو بيان ٻــُڌي سڀ حيران ٿيا. خورشيد شاهه چيو ته ضياءُ الحق ۽ يحيٰ به پنهنجو پاڻ کي هٽلر سان نه ڀيٽيندا هئا،پرويز مشرف به پاڻ کي هٽلر جي برابر نه سمجهيو. پ پ اڳواڻ چيو ته هڪ ڊيموڪريٽ هٽلر جي روپ ۾ سامهون آيو آهي، اِن کان وڏي تبديلي ڪهڙي هوندي، اهڙي سوچ رکندڙ ملڪ جو وزيراعظم بڻجي ويو، ماڻهن جي سوچ ۽ ووٽ جي توهين ڪئي وئي ان جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ 40 سال آمريت رهي ۽ اڄ به ڏوهي سياستدان آهن، جن آئين ڏنو، ادارا ٺاهيا انهن جي احتساب جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته اڄ پارليامينٽ ۾ اهڙي ٻولي استعمال ڪئي وڃي ٿي جيڪا ٻڌي شرم اچي ٿوهنن ڪڏهن پارليامينٽ ۾ اهڙي ڳالهه ٻول نه ٻڌي. خورشيد شاهه حڪومت کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان حڪومت هلايو اپوزيشن اوهان جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي، موجوده حڪومت اڃا تائين ڪا به قانون سازي نه ڪري سگهي آهي. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته هنن چئني صوبن جي منظوري سان اين ايف سي ايوارڊ جوڙيو، اڄ اين ايف سي ايوارڊ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، 18هين ترميم صوبن جي حقن جي حفاظت ڪري ٿي ، وقت جي ضرورت آهي ته ملڪ جو وفاق مضبوط هجي وفاق مضبوط هوندوته صوبن کي حق ملي سگهندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here